اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ??اڪ??تان اڄ هڪ عظيم دوست کان محروم ٿي ويو، لي ڪي چيانگ پاڪ چين اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو وڏو حامي هو، لي ڪي چيانگ هڪ ويزنري اڳواڻ هو. اي??ان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته مون کي چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي انتهائي افسوس ٿيو، ??اڪ??تاني عوام پاران لي ڪي چيانگ جي خاندان، چيني عوام ۽ قيادت سان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته مارچ 2020ع ۾ چين جي پنهنج?? يڪجهتي جي دوري دوران مون کي بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ ساڻس ملڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، مون لي ڪي چيانگ کي هڪ مخلص دوست ۽ اسان جي سدابهار دوستي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرجوش ڏٺو.