اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ رو?? جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامي، فلمز، گڏيل پروڊڪشنز ۽ تربيتي پروگرامز سميت مختلف شعبن ۾ تع??ون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ??ضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل هدفن جون راهون ڳولڻ پاڪستان جي بزنس ڪميونٽي ۽ عوام جي دل جو آواز آهي، اسان کي يقين آهي ته اسان جا گڏيل لاڳاپا بدلجندڙ گهرجن موجب شاندار مستقبل طرف وڌندا رهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملاقات جي لاءِ آيل رو?? جي سفير دانيلا گينيچ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا سميت مختلف شعبن ۾ تع??ون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ رو?? جي اطلاعات واري وزير جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته رو?? جي اطلاعات واري وزير کي پاڪستان جي دوري جي باضابطا دعوت ڏني ويندي. ملاقات ۾ رو?? جي اطلاعات واري وزير جي دوري جي موقعي تي اي پي پي ۽ طاس نيوز ايجنسي، پي ٽي وي ۽ روسي ٽيليويزن ۽ روسي ريڊيو ۽ ريڊيو پاڪستان جي وچ ۾ مم??ن معاهدن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي رابطن، سلامتي، معيشت، تعليم، ثقافت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير پاڪستان ۽ رو?? جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامي، فلمز، گڏيل پروڊڪشنز ۽ تربيتي پروگرامز سميت مختلف شعبن ۾ تع??ون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان روس سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان روس سان ميڊيا، ڊرامي، فلمز جي شعبن ۾ تع??ون کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ رو?? جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۾ تقريب منعقد ڪرڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل رابطن جو سلسلو ڊگهي عرصي تي ٻڌل آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ??ضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل هدفن جون راهون ڳولڻ پاڪستان جي بزنس ڪميونٽي ۽ عوام جي دل جو آواز آهي. هن چيو ته اسان کي يقين آهي ته اسان جا گڏيل لاڳاپا بدلجندڙ گهرجن موجب شاندار مستقبل طرف وڌندا رهندا. ان موقعي تي رو?? جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ رو?? جي وچ ۾ ميڊيا سميت زندگي جي هر شعبي ۾ تع??ون موجود آهي. روس پاڪستان سان ميڊيا سميت زندگي جي ٻين شعبن ۾ تع??ون جو خواهشمند آهي. روس ۾ پاڪستاني ڊرامن کي تمام گهڻي مقبوليت ح??صل آهي.