اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته قومي نصاب ??ائونسل جي مسودي تي سمورن صوبن جو اتفاق آهي، اٺين جماعت تائين نئون نصاب لاڳو ٿيندو، اسان کي پنهنجي تعليمي نظام کي بدلڻو پوندو. قومي نصاب ??ائونسل سيڪريٽريٽ جي دؤري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ??ندي هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ نصاب پڙهائڻ جي حوالي سان جائزو ورتو پيو وڃي. هن چيو ته تعلي?? کانسواءِ ترقيءَ جو ڪو رستو ناهي، 80 سيڪڙو ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، پر اسڪولن جي حالت بهتر نه ٿي سگهي آهي. هن چيو ته اسلام آباد جي ڪيترن ئي اسڪولن جو اوچتو دؤرو ڪيو آهي. سرڪاري اسڪولن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاگردن جي مسئلن کي حل ڪنداسين. هن چيو ته ايڇ اي سي طرفان پي ايڇ ڊي جي ڊگرين جي جاري ڪرڻ تي ڪوبه چيڪ بئلنس ناهي. هن چيو ته ملڪ ۾ تعليم جو نظام خراب آهي، ان کي بدلڻ جي ضرورت آهي.