اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ليبيا جي اتر اوڀر حصي ۾ شديد ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي ليبيا جي عوام ۽ حڪومت سان دلي تعزيت ج?? اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ سان انساني جانين جي زيان ۽ زندهه بچي وي??دڙ?? کي پ??چندڙ تڪليفون انتهائي افسوسناڪ آهن ۽ اسان هن مشڪل وقت ۾ ليبيا جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهيون. بيان موجب ليبيا ۾ پاڪستان جو سفارتخانو صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ ڪميونٽي جي مم??ن مدد جي لاءِ مقامي عملدارن سان رابطي ۾ آهي.