اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي آهي، بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاو??ت فراهم ڪرڻ آهي، حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگهون، قائدن ۽ ضابطن ۾ سنگين خلاف ورزي جي ??ورت ۾ مداخلت جو اختيار حاصل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نگران وفاقي ڪابينا جي ??جلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته آئين تحت نگران حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي آهي، ان جي ??نيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاو??ت فراهم ڪرڻ ۽ نگراني ڪرڻ آهي ۽ اها آئيني گهرج آهي، نگران حڪومت وٽ روزاني جي ??ڪومتي معاملن جي نگراني جو اختيار آهي، اسان حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگهون، معمول جي پاليسين تي عمل پيرا رهنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي پاليسين کي جاري رکنداسين، قاعدن ۽ ضابطن ۾ سنگين خلاف ورزين جي ??ورت ۾ مداخلت جو اختيار حاصل آهي. قومي اس??مب??ي آئيني مدو مڪمل ڪري تحليل ٿي چڪي آهي، چونڊون اڃا ٿيڻيون آهن، پارليامينٽ جو ايوان ڪم ڪري رهيو آهي، جيستائين قومي اس??مب??ي جو ايوان نه ٿو اچي ته قانونسازي نٿي ٿي سگهي، سڀني وزيرن کي پنهنجي وزارتن پاران بريفنگ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، ايندڙ ڪابينا جي ??جلاس جي ??يجنڊا جو فيصلو بريفنگ جي ??نياد تي ڪيو ويندو.