اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف باجوڙ، خار ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سوڳ ۾ سي پيڪ جي 10 سالا تقريبون سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ وز??راعظم جي هدايت تي سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪلچر شو پڻ ملتوي ڪيو ويو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب سي پيڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ تقريب ڪلچرل شو کانسواءِ سادگي سان منعقد ٿيندي. چين جو نائب وز??راعظم هي لي فينگ جي اچڻ جي موقعي تي ڪلچرل شو منعقد ٿيڻو هو. وز??راعظم هدايت ڪئي ته قوم سوڳ جي حالت ۾ آهي، تنهن ڪري ڪلچرل شو منعقد نه ڪيو وڃي. واضح رهي ته باجوڙ خار ۾ گذريل ڏينهن جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ دهشتگردي سان 44 ماڻهو شهيد ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.