اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ج??ري بيان موجب پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (بي ايس جي آئي) کي روڪڻ ۽ سڄي دنيا ۾ غذائي ناڻي واڌ تي ان جي اثرن بابت پاڪس??ان جي موقف کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير گذريل سال بي ايس جي آئي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي مثبت ڪردار کي ساراهيندي ان کي درخواست ڪئي ته هو تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي ان قدم کي بحال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون مصروفيتون ج??ري رکي جيڪو سمورين ڌرين جا خدشا ختم ڪري. بلاول ڀٽو زرد??ري يورپ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي بار بار ٿيندڙ واقعن جي مذمت ڪندي بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو. هن اسلامو فوبيا جي و??ند?? رجحان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي ۽ ايڪشن پلان جوڙي گڏيل قومن جي سطح تي گڏيل ڪارروائي تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ گڏيل قومن سان پاڪس??ان جي ج??ري تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي سنڌ ۾ ٻوڏ کان متاثر عورتن کي ”لينڊ ٽائٽلز“ جي فرهامي جي لاءِ شروع ڪيل تازي منصوبي کان پڻ آگاهه ڪيو.