اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف نئو?? اسلامي سال شروع ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم چيو ته محرم الحرام چار مقدس ۽ حرمت وارن مهينن ۾ شامل آهي، سڄي دنيا حرمت وارن انهن چئن مهينن کي امن جي فروغ لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهي ٿي. نبي اڪرم ﷺ هن مبارڪ مهيني جي خصوصيت، فضيلت بيان فرمائي آهي. اسلام کان اڳ به هن مهيني جي حرمت هئي. رسول ڪريم ﷺ جي ڏوهٽي حضرت امام حسين عليه جي شهادت به ان مهيني ۾ ٿي. وز??راعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ هن مهيني مبارڪ کي سڀني جي لاءِ خير ۽ برڪت جو سبب بڻائي. عبادتن ۽ ??وز?? جي اه??مام ج?? توفيق عطا فرمائي.