اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف ??لو?? نجي بئنڪن کي فراڊ متاثرين کي 5 لک 64 هزار رپين کان وڌيڪ جي رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. متاثرين کان فنڊ جي آن لائين منتقلي ۽ اي ٽي اي?? فراڊ جي ذريعي رقم ڦري وئي. صد?? بئنڪنگ محتسب جي ٽن فيصلن جي خلاف الائيڊ بئنڪ، يونائيٽيڊ بئنڪ ۽ هڪ شهري جي اپيل اڪلائي. اي??ان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ محمد سليم ظفر، هدايت الله ۽ غلام محمد جا ترتيبوار لاهور ۾ الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ، يونائيٽيڊ بئنڪ ۾ ضلعي ڪڙڪ ۽ پشاور ۾ الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ ۾ جدا جدا اڪائونٽ هئا. سليم ظفر کي الائيڊ بئنڪ جي هيلپ لائين سان ملندڙ جلندڙ هڪ نمبر تان ڪال آئي ۽ ڪال ڪندڙ پنهنجو تعارف بئنڪ جي نمائندي طور ڪرايو. سليم ظفر ڪال ڪندڙن سان پنهنجي بئنڪنگ جي م??لو??ات شيئر ڪئي جنهن کانپو??ِ ان جي اڪائونٽ مان ڪل 3 لک 48 هزار 500 رپيا ڪڍيا ويا، اهڙي طرح هدايت الله جا يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ جي ڊيجيٽل اي?? جو استعمال ڪندي ڪنهن نام??لو?? ماڻهو هڪ لک 70 هزار 969 رپيا ڪڍي ورتا. جڏهن ته ان نه ته اليڪٽرڪ فنڊز ٽرانسفر (اي اي?? ٽي) سهولت جي لاءِ درخواست ڏني هئي ۽ نه ئي ان جو استعمال ڪيو هو. اهڙي طرح غلام محمد جو ڪارڊ اي ٽي اي?? مشين ۾ ڦاسي ويو هو ۽ بعد ۾ ان کي خبر پئي ته ڪجهه جعلسازن دوکي ذريعي ان جو ڪارڊ استعمال ڪندي ان جي اڪائونٽ مان غيرمجاز طريقي سان 45 هزار رپين جي رقم ڪڍي ورتي. شڪايت ڪندڙن ريليف جي لاءِ بئنڪن سان رجوع ڪيو پر ڪو نتيجو نه نڪتو. ان کانپوءِ هنن جدا جدا بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن سليم ظفر ۽ هدايت الله جي ڪيسن ۾ انهن جي وڃايل رقم واپس ڪرڻ جڏهن ته غلام محمد جو ڪيس شڪايت بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بعد ۾ بئنڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف صد?? کي اپيلون ڪيون ويون، جن بئنڪن کي هدايت ڪئي ته بئنڪ فراڊ جي ٽنهي متاثرين کي فراڊ ڪيل رقم ادا ڪئي وڃي. صد?? سليم ظفر ۽ هدايت الله کي م??لو??ات ۾ پنهنجي فيصلن ۾ قرار ڏنو ته لاڳاپيل بئنڪون صارفين جي رضامندي ۽ ڄاڻ کانسوا??ِ اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر جي سهولت کولي، ڄاڻ ۽ رضامندي کانسواءِ فنڊز ٽرانسفر سهولت کولڻ اسٽيٽ بئنڪ جي قاعدن جي خلاف ورزي آهي. شڪايت ڪندڙن اهڙي سهولت کولڻ جي ڪا درخواست ناهي ڪئي. صد?? پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته بئنڪ فنڊن جي منظوري جي شرطن کي واضح انداز ۾ ٻڌائڻ بابت ڪو ثبوت پيش نه ٿا ڪري سگهن. بئنڪنگ پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي، انهي لاءِ متاثرين کي فراڊ جي رقم واپس ڪئي وڃي. صد?? چيو ته غلام محمد جي ڪيس ۾ ثابت ٿيو ته جعلسازن دوکيبازي جي ذريعي صارف جو ڪارڊ حاصل ڪيو، صارفين جي مفادن جو تحفظ بئنڪ جي بنيادي ذميواري آهي. صد?? بئنڪنگ محتسب جي ڪيس کي بند ڪرڻ جي فيصلي کي رد ڪندي اي بي اي?? کي هدايت ڪئي ته بئنڪ غلام محمد کي ان جي وڃايل 45 هزار رپين جي رقم واپس ڪري.