اسلام آ??اد – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير رينا ڪيونڪا پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ?? علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ??ڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي سفير ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفن ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي ??رڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جي ايس پي پلس سميت اقتصادي شعبي ۾ تعاون پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻنهي جي لاءِ فائد??من?? ثابت ٿيندو رهندو.