اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي سان عيدالفطر جي موقعي تي سفارتڪارن سميت ??ندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. اسلام آباد ۾ مقرر مختلف ملڪن جي سفيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن، سول سوسائٽي جي نمايان شخصيتن، ايوان صدر جي عملي ۽ سندن وارثن سميت ??ندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ڇنڇر ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ عيد ملن پروگرام ۾ صدر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس عيد جون مبارڪون ڏنيون. بيگم ثمينه عارف علوي به ??ن موقعي تي صدر مملڪت سان گڏ هئي. صدر مملڪت ايوان صدر ۾ مهمانن جو شاندار استقبال ڪيو، ڊاڪٽر عارف علوي سان عيدالفطر جي موقعي تي ملاقات ڪندڙ غير ملڪي سفارتڪارن صدر ۽ بيگم ثمينه عارف علوي کي عيدالفطر جون مبارڪون ڏنيون ۽ گڏ تصويرون به ڪڍرايون. زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن به ??در سان عيد ملن آجياڻي پروگرام ۾ ملاقات ڪئي. عيدالفطر جي موقعي تي ايوان صدر آيل ٻين مهمانن به ??در ڊاڪٽر عارف علوي سان گڏ تصويرون ڪڍرايون. ايوان صدر آيل مهمانن جي مٺي ۽ ٻين کاڌن سان تواضح به ڪئي وئي.