ڪراچي – 14 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ??يئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي ??ڪوال جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ملڪ جبار احمد چله جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ ملڪ جبار احمد چله جي سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ملڪ جبار احمد چله جون پارٽي جي لاءِ خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيُون سگهجن. هن مرحوم جي لاءِ جنت الفردوس ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.