اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف بجلي جي چوري روڪڻ کي حڪومتي ترجيح قرار ??يندي بجلي جي و??ڇ ڪندڙ ڪمپنين کي صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، اها ڪميٽي صوبائي حڪومتن سان گڏجي ٽرمز آف ريفرنس ۽ مقرر مدي جو تعين ڪندي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي جي و??ڇ ڪندڙ ڪمپنين کي صوبن ??ي دائري اختيار ۾ منتقل ڪرڻ تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي جي و??ڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بجلي چوري، عدم وصولين ۽ لائين لاسز جي نتيجي ۾ خساري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي وفاق ۽ صوبن ۾ بلن جي وصولي لاءِ موجود انتظامي ڍانچي جو موازنو پڻ پيش ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بجلي جي و??ڇ ڪندڙ ڪمپنين جو نظام صوبن جي حوالي ڪرڻ آئيني قدم آهي. ان قدم سان بلن جي وصولي ۽ بجلي چوري جي روڪٿام ۾ خاطرخواهه بهتري ايندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بجلي جي و??ڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نظام جي منتقلي جي لاءِ سڀ کان اڳ سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو هو. ??زي??اعظم ڪميٽي کي جلد حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان موقعي تي ??زي??اعظم چيو ته ملڪ ۾ بجلي چوري ڪندڙ عنصرن جو موثر خاتمو ڪنداسين. هن چيو ته وفاق صوبن جي سگ??ه وڌائڻ جي لاءِ فني مدد فراهم ڪندو، صوبن وٽ بجلي جي بلن جي وصولين جي لاءِ بهتر انتظامي ڍانچو موجود آهي، وصولين جي لاءِ بهتر انتظامي ڍانچو بجلي جا گردشي قرض ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اجلاس ۾ اڳوڻي ??زي??اعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي ??زي??ن اسحاق ڊار، انجنيئر خرم دستگير، عابد حسين ڀيو، مملڪتي ??زي?? ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ??زي??اعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاون جهازيب خان، سنڌ جي وڏي ??زي?? سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي ??زي??، اعظم خان، پنجاب ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.