اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام ??ي ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ حڪ??مت ۽ پاڪستان جي عوام ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀر??ور مدد ڪن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سرندي وارن ماڻهن، ادارن ۽ عوام ??ي ترڪيه جي لاءِ دل کولي عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪئ?? آهي. وزيراعظم چيو ته هن ”پي ايم فنڊ فار ترڪيه ارٿ ڪوئيڪ وڪٽم??“ ??ائم ڪري ڇڏيو آهي، عوام ۽ سرندي وارا ماڻهو اڪائونٽ نمبر جي – 12166 ۾ فراخدلاڻي عطيا جمع ڪرائين. هن چيو ته ترڪيه جي ڀائر ملڪ ۾ 7.8 شدت جي زلزلي سان قيامت صغريٰ جو منظر آهي، ترڪيه ۾ زلزلي سان هزارين ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. وزيراعظم چيو ته ترڪيه پاڪستان جي قومي مفادن جي تحفظ ۽ عوام ??ي درپيش مشڪلاتن ۾ سدائين مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي مدد ڪئ?? آهي، ترڪيه 2005ع جي زلزلي، 2010ع ۽ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏن ۾ مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي مدد ڪئ??. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي حڪ??مت ۽ عوام به ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀر??ور مدد ڪن، ترڪيه جي عوام جي مدد اسان جي ديني ذميواري آهي.