اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي ماحوليات پر??گر??م پاران ٿيندڙ ڪم کي ساراهيندي ماحولياتي تبديلين، حياتياتي تنوع جي نقصانن ۽ ماحولياتي نظام ۾ ٿيندڙ تبديلين کي وڌيڪ موثر طريقي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي ماحوليات پر??گر??م جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر (يو اين اي پي) اينگر اينڊرسن ملاقات ڪئي. اينگر اينڊرسن پاڪستان جي سرڪاري دور?? تي آهي. وزيراعظم ??يو ته ماحولياتي تبديلي اڄ وڏن مسئلن مان هڪ آهي. هن ??يو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. هن ??يو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا. اينگر اينڊرسن وزيراعظم کي يو اين اي پي پاران پاڪستان ۾ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني ۽ يو اين اي پي ۾ پاڪستان جي فعال ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ??يو ته يو اين اي پي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏي.