اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ان برطانوي ??اءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پرڏيهي وزارت ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪ برطانيا لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير برطانيا پاران ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ 90 لک پائونڊ جي اضافي مدد جي اعلان تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير ملاقات دوران برطانوي ??اءِ ڪمشنر پاران پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين بابت آگاهي جي قدمن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري برطانوي ??اءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.