نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دنيا کي جمهوريت جي مضبوطي، پولرائيزيشن جي خلاف جنگ، سماجي اڻبرابري جي خاتمي ۽ مظلوم ماڻهن کي انهن جو حق ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گه??جي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ دنيا امن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي، اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته پائيدار ا??ن جو قيام مثالي آهي جڏهن ته بنياد کي ٺيڪ ڪرڻ کا??سواءِ پائيدار ا??ن خواب ئي رهندو.