اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ و??ائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ اٽلي سان تعاون ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير اينڊريس فراريز وزيراعظم شهباز شريف سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ اٽلي کي پاڪستان جو ويجهو دوست ۽ قابل اعتماد حصيداري قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جا وڌندڙ لاڳاپا ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عا??مي معاملن بابت هڪ جهڙائي جي نشاندهي ڪن ٿا، يورپي يونين جي ترجيح واپاري اسڪيم جي ايس پي پلس جي ڏس ۾ اٽلي جي حمايت کي ساراهيندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ موجوده صلاحيت کي وڌيڪ استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ اٽلي سان تعاون ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو جنهن ۾ اٽلي نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. وزيراعظم افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ عا??مي برادري سان خاص طور تي گذريل سال آگسٽ کان جاري پاڪستان جي تمام گهڻي تعاون تي پڻ ??وش??ي وڌي. اٽلي جي سفير وزيراعظم پاران استقبال تي سندس ٿورا مڃيندي پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ و??ائڻ ۽ ٺوس بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.