پشاور – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻوڏ م??اث??ين سان گڏ بيٺل آَهي ۽ آخري م??اث?? شخص جي بحالي ۽ آبادڪاري تائين ڪوششون ??اري رکندي. هتي ميران ڊيره اسماعيل خان ۾ ٻوڏ م??اث??ين کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ٻو?? سبب فوت ٿيندڙ هر هڪ وارث کي 10 لک رپين جي امداد فراهم ڪري رهي آهي ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت 8 لک رپيا فراهم ڪري رهي آهي. تباهه ٿيندڙ هر گهر جي لاءِ 5 لک رپيا ۽ جزوي طور تي تباهه ٿيندڙ گهر جي لاءِ اڍائي لک رپيا فراهم ڪيا ويندا ته جيئن ٻوڏ م??اث??ين کي پنهنجي گهرن جي نئين سر تعمير ۾ سهولت فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته معاوضي جي رقم فوتي جي زندگي جو متبادل نه آهي پر ان جي پونئيرن جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ انهن کي مالي امداد فراهم ڪرڻ آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ٻوڏ م??اث??ين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيون ??هن، بلوچستان ٻو?? سبب سڀ کان وڌيڪ م??اث?? صوبو آهي جتي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هر فوت ٿيندڙ جي وارث کي 10، 10 لک رپيا معاوضو فراهم ڪري رهيون ??هن. وزيراعظم چيو ته حڪومت نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، صوبائي حڪومتن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي مدد سان هڪ گڏيل سروي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن چوپائي مال، فصلن ۽ ٻين ٻو?? سبب ٿيندڙ نقصانن جو اندازو لڳائي سگهجي. سروي سان ٻوڏ کان م??اث?? سمورن مستحق ماڻهن کي معاوضو فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ٻوڏ خاص طور تي بلوچستان ۾ مواصلاتي انفراسٽرڪچر بشمول پلين کي پڻ م??اث?? ڪيو آهي جن جي نئين سر تعمير جي لاءِ سروي پڻ ڪرائي ويندي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ تي ڪا سياست نه ڪئي ويندي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ملڪ جي ٻوڏ م??اث??ين جي امداد لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيون ??هن. ان کان اڳ وزيراعظم کي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ جي تب??هي?? ۽ امدادي ڪاررواين بابت بريفنگ ڏني. اين ڊي ايم اي چيئرمين ٻڌايو ته تازي طوفاني برساتن ملڪ ۾ 30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي جنهن سان سڀ کان وڌيڪ بلوچستان م??اث?? ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان آرمي، فرنٽيئر ڪراپس، سول ايڊمنسٽريشن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن اين ڊي ايم اي کي مڪمل تعاون فراهم ڪيو آهي جنهن ڊي آءِ خان ۽ ٽانڪ ضلعي سميت خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ م??اث??ين جي فوري مدد ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته تازي ٻو?? سبب ڊي آءِ خان جو سڀ کان وڌيڪ م??اث?? ميران جو علائقو آهي ڊي آءِ خان ۾ ٻو?? سبب ٿيندڙ نقصانن جي سروي جاري آهي جتي ٻو?? سبب ڪا به فوتگي ناهي ٿي جڏهن ته 293 گهرن کي نقصان پهتو ۽ 1720 ايڪڙ تي فصلون م??اث?? ٿيون. بعد ۾ وزيراعظم ٻوڏ م??اث??ين سان ملاقات ڪئي ۽ مڪمل تعاون ??ي خاطري ڪرائي. ان کان اڳ وزيراعظم ٽانڪ ضلعي جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو جتي هن م??اث??ين سان ملاقات ڪئي. کيس ٽانڪ ۾ ٻو?? سبب ٿيندڙ نقصانن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم سان گڏ پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان، مواصلات وارو وفاقي وزير اسعد محمود، وزيراعظم جو سياسي ۽ عوامي معاملن وارو صلاحڪار انجنيئر امير مقام، پي ايم ايل اين ۽ جي يو آءِ ايف جي قيا??ت پڻ موجود هئي.