اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ??ريف سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ملاق??ت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ ??ي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻئي طرف وزيراعظم سان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر، سينيئر نائب صدر مشتاق منهاس ۽ جنرل سيڪريٽري چوڌري طارق فاروق پڻ ملاق??ت ڪئي. منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال به ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم سان انساني ??قن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده به ملاق??ت ڪئي. ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل به ملاقات ۾ موجود هو.