اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن ز??يد ??لن??يان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير گڏيل عرب امارات جي نئين چونڊيل صدر شيخ محمد بن ز??يد ??لن??يان، ??لن??يان خاندان، يو اي اي جي قيا??ت ۽ عوام سان شيخ خليفه بن ز??يد ??لن??يان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شاهي خاندان جي ٻين ماڻهن سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل عرب امارات جي قيا??ت ۽ عوام جي لاءِ ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي همت ۽ سگهه جي دعا ڪئي. پرڏيهي وزير پ??ڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات جي و?? ۾ ??طرفن لاڳاپنکي مضبوط بڻائڻ ۾ شيخ خليفه جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي ان افسوس جو اظهار ڪيو ته سندس لاڏاڻي سان پ??ڪس??ان هڪ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو آهي. شيخ خليفه کي خراج عقيدت پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته قوم ۽ ملڪ جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. پرڏيهي وزير شيخ محمد بن ز??يد ??لن??يان جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي نئين صدر طور تي پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ تي نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.