اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيرا??ظم هائوس کانسواءِ ڪنهن ٻي جڳهه کي ڪئمپ آفيس ڊڪليئر ناهي ڪيو ويو، بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيون خبرون ن?? پکيڙيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي بيان ۾ ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيرا??ظم شهباز شريف جي وزارت عظميٰ جو عهد?? سنڀالڻ کانپوءِ ميڊيا ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙڻ جو سلسلو رڪجڻ گهرجي. ??ن چيو ته وزيرا??ظم هائوس کانسواءِ ڪنهن ٻي جڳهه کي ڪئمپ آفيس ڊڪليئر ڪرڻ جون خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن، پوليس فورس ۽ انتظامي عملي جي ڪنهن به جڳهه مقرري جي خبرن ۾ به ڪنهن قسم جي صداقت نه آهي. سندس چوڻ هو ته ايڊيٽوريل لکندڙ ۽ ميڊيا جي ساٿين کي گذارش آهي ته اهڙي ڪا به بي بنياد ??بر نشر ڪرڻ کان اڳ تصديق ڪري وٺو، سوشل ميديا صارفين کي به گذارش آهي ته اهڙي منفي پروپئگنڊه کي رد ڪري ڇڏين.