اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان معمول موجب جمعي جو خ??بو سڌو سنئون نشر ڪيو و??و، ”رمضان المبارڪ گذارڻ ??و بهترين طريقو“ جي موضوع تي جمعي جو خ??بو ڏنو ويو. ايوان صدر جي عمل??ار?? ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. خطيب ڊاڪٽر محمد ظهير جمعي جي خطبي ۾ رمضان المبارڪ جي برڪت ۽ فضيلت بيان ڪندي چيو ته رمضان جو مهينو انسان جي تربيت جو مهينو آهي، روزو انسان جي اندر صبر ۽ تحمل پيدا ڪندو آهي روزي ۾ حلال شين کان به هڪ وقت تائين منع ڪئي وئي آهي، حلال طريقي سان رزق حاصل ڪرڻ ??ه عبادت آهي، خطيب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي هن مبارڪ مهيني ۾ ڪثرت سان توبع ۽ استغفار ڪرڻو آهي، رمضان جي مهيني ۾ اسان کي خراب صحبت کان بچڻو آهي، هن مبارڪ مهيني ۾ مسلمان پنهنجي رب کي به راضي ڪري سگهن ٿا، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد کان سڌو سنئون خ??بو نشر ڪرڻ ??و سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. جمعي جي نماز جي موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.