اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان نائجيريا جي دفاع واري وزير ميجر جنرل (ر) بشير صالحي مگاشي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چ??و ته پاڪستان ۽ نائجيريا جي وچ ۾ وڌندڙ دفاعي تعاون اطمينان جوڳو آهي. گذريل سال پاڪستاني جي ايف ٿنڊر جنگي هوائي جهازن جي نائجيريا منتقلي انتهائي سٺو سنئوڻ آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته نائجيرين فوجين کي پاڪستان ۾ دهشتگ??دي جي روڪٿام جي تربيت جي فراهمي اسان جي دفاعي لاڳاپن جي استحڪام جي مظهر آهي، پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ نائجيريا جي وچ ۾ دهشتگ??دي جي خاتمي ۽ بارڊر مينيجمينٽ ۽ سرويلنس جي حوالي سان مفاهمت نامي تي جلد صحيحن جي ضرورت ت زور ڏنو ۽ چيو ته اسان ٻطرفي سياسي مشاورت، سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ هولڊرز جي لاءِ ويزا جي خاتمي جي حوالي سان التوا ۾ پيل مفاهمت نامن کي جلدي حتمي شڪل ڏيڻ جا خواهشمن?? آهيون، پرڏيهي وزير چ??و ته اسان نائجيريا جي صدر محمد بوهاري کي پاڪستان ۾ جلد خوش آمديد چوڻ جا منتظر آهيون.