اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) روس جي مسلمان اڪثريتي علائقي چچنيا جي صدر رمضان ڪادروف گڏيل قومن ۽ ع??لمي فورمن تي اسلامو فوبيا بابت وز??راعظم عمران خان جي موقف کي ساراهيندي چيو آهي ته روس جا مسلمان کيس وڏي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسن ٿا. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وز??راعظم جي نالي پنهنجي خط ۾ چيچنيا جي صدر چيو ته گڏيل قومن ۽ ع??لمي فورمز تي پنهنجي دين ب??بت توهان جي موقف تي ٿورن جي اظهار لاءِ هو ذاتي طور تي وز??راعظم سان ملاقات لاءِ بي تاب هو، چيچن صدر تازي روس جي دوري دوران وز??راعظم سان ملاقات تي سندس ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته روس جا 30 لک مسلمان کيس ”وڏي عزت ۽ احترام“ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. صدر ڪادروف چيو ته هو روس ۾ وز??راعظم جي لاءِ هر طرح جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، الله تعاليٰ ??ان دعا آهي ته هو اسان کي پنهنجي فرض شناس ۽ فرمانبردار انسانن ۾ شمار ڪري، الله جي دين ۽ اشاعت اسلام، دفاع ۽ جدوجهد لاءِ اسان هر طرح جي خدمت لاءِ حاضر آهيون، اسان توهان کي روس جي اي??دڙ دوري جو بي چيني سان انتظار ڪنداسين.