اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بورڊ جي ن??ين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب بورڊ جي 11 ميمبرن مان ٻه ميمبر تبديل، باقي 9 وڌيڪ ٽن سالن تا??ين خدمتون سرانجام ڏيندا. ثان??ه رفعت ۽ عثمان حسن کي پرائيويٽ ميمبر طور بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. خاور ممتاز بدران ثان??ه رفعت ۽ قاضي عظمت عيسيٰ جي جڳهه تي عثمان حسن بورڊ جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. صدر بورڊ جي ن??ين سر جوڙجڪ جي منظوري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ايڪٽ جي سيڪشن 5 تحت ڏني. بورڊ جي ن??ين سر جوڙجڪ جي منظوري غربت ??ي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن جي سفارشن تي ڏني وئي. صدر عارف علوي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو چيف پيٽرن آهي.