اسلام آبا?? – 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چونڊيل عوامي نمائندن کي عوام سان رابطا مهم ت??ز ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن ??ي حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان رابطو بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خ??ن سان قومي اسيمبلي ميمبرن فيض الله ڪموڪا، خواجه شيراز محمود، شوڪت علي ڀٽي، حيدر علي خان، ثناءُ الله خان مستي، محمد يعقوب شيخ، اورنگزيب خان ڪڇي ۽ جنيد اڪبر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ پارٽي جي تنظيم سازي ۽ ترقياتي منصوبن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خ??ن سمورن چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو نه رڳو عوام سان پنهنجي رابطا مهم ت??ز ڪن پر انهن جي مسئلن جي فوري حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان ڪوآرڊينيشن کي به بهتر بڻائين.