اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سيالڪوٽ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪالهه کان سوچي رهيو هئس ته سيالڪوٽ واقعي تي ڇا لکان، لفظ ته بي عمل ٿي ويا آهن، اهڙا واقعا رڳو 48 ڪل??ڪن ۾ اسان کي تڪليف ڏين ٿا، پوءِ سڀ نارمل ٿي وڃي ٿو ۽ ايستائين احسا?? دفن رهي ٿو جيستائين اڳيون واقعو نه ٿئي، اها بي حسي وڏي طوفان جي اڳڪٿي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي آڏو ملڪن ۾ رت جا ??ري??ءَ وهي ويا، اسان معاشري ۾ ٽائم بم لڳائي ڇڏيا آهن، انهن بمن کي ناڪاره نه بڻايو ته اهي ڦاٽندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وقت واريءَ وانگر هٿن مان نڪري رهيو آهي تمام گهڻو ڌيان گهرجي تمام گهڻو ڌيان.