اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته اسلام امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جو درس ڏي ٿو، بي?? المذاهب هم آ??نگي لا??ِ اسان کي حضور اڪرم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ گهرجي، قائداعظم محمد علي جناح مذهبي هم آ??نگي جو زبرست قائل هو ۽ قيام پاڪستان کانپوءِ به هن ملڪ ۾ مسلمانن ۽ ٻين مذهبن جي وچ ۾ هم آ??نگي ۽ کين برابر جا حق ڏيڻ جو پرچار ڪيو. صدر مملڪت اهڙن خيالن جو اظهار هڪ ڏينهن واري بي?? الاقوامي بي?? المذاهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو اهتمام بي?? المذاهب ڪائونسل براءِ امن ۽ يڪجهتي پاڪستان مذهبي معاملن واري وزارت جي سهڪار سان ڪيو هو. ڪانفرنس کي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز، مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد، يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪيمونارا ۽ ٻين شخصيتن خطاب ڪيو. ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته دنيا جا سمورا مذهب ماڻهن جي وچ ۾ امن ۽ مذهبي هم آ??نگي جو درس ڏين ٿا، حضور اڪرم ﷺ جو طريقيڪار اسان جي لا??ِ مشعل راهه آهي جنهن کي خلفائي راشدين به جاري رکيو، صدر چيو ته اسلام مذهبي منافرت کان سخت خلاف آهي، ڀارت ۾ مسلمانن جي تاريخ کي مسخ ڪري انهن جي خلاف ظلم ۽ تشدد ٿي رهيو آهي ۽ مسلمانن جي خلاف قانون ٺاهيا پيا وڃن، هن چيو ته پاڪستان مذهبي هم آ??نگي لا??ِ ڪرتار پور راهداري کي کوليو آهي، صدر مملڪت ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته بي?? المذاهب هم آ??نگي ڪانفرنس کي خطاب ساڻس لا??ِ اعزاز آهي، هن چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد ۽ سندس ساٿين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سندس والد مرحوم عبدالڪبير آزاد جو بي?? المذاهب هم آ??نگي ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي ۽ هن مختلف مذهبن ۽ مڪتب فڪر جي ماڻهن کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، صدر چيو ته دنيا کي سٺي قيادت جي ضرورت آهي، مذهب، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي منافرت جي پويان استحصال جو نظريو ڪارفرما آهي، انساني استحصال بند ٿيڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ مذهبي اڳواڻن، مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ديني شخصيتن، اسڪالرن ۽ ٻين نمائنده ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير علي محمد خان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته مساوات ۽ بي?? المذاهب هم آ??نگي تي يقين رکون ٿا، پاڪستان ۾ اقليتن جي تحفظ لا??ِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ملڪ ۾ بي?? المذاهب هم آ??نگي لا??ِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته صدر ۽ وزيراعظم جو ان سلسلي ۾ قائداڻو ڪردار آهي، قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان ۾ مذهبي آزادي جو حامي هو ۽ وزيراعظم عمران خان رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آندو آهي جيڪو هڪ بهترين قدم آ??ي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته 1973ع جي آئين تحت پاڪستان جي سمورن شهرين کي برابر جا حق حاصل آهن. هن چيو ته اسلامي روايتون سدائين بي?? المذاهب هم آ??نگي کي فروغ ڏنو آهي. يورپي يونين جي سفير اينڊرو لاڪامينارا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دنيا ۾ امن جي فروغ لا??ِ بي?? المذاهب هم آ??نگي ۽ مڪالمه ضروري آهي، هن چيو ته بي?? المذاهب هم آ??نگي هڪ جهد مسلسل آهي ۽ هر ڪنهن کي مذهبي آزادي جو حق حاصل آهي. ان کان اڳ صدر بي?? المذاهب هم آ??نگي جي فروغ لا??ِ نمايان خدمتن تي مختلف شخصيتن ۾ ايوارڊ ورهايا، ڪانفرنس ۾ مڪه، ميڊرڊ، يورپي يونين، پاڪستان، ابوظهبي ۽ مراڪش پڌرنامي جي روشني ۾ هڪ گڏيل پڌرنامو تيار ڪيو ويو جنهن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن متفقه طور تي حمايت ڪئي.