استنبول – 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پا??ستان ۽ ترڪيءَ جا لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام کان وڌيڪ آ??ن، پا?? ترڪ گڏيل ??اڳاپا پرامن گڏيل بقاءَ ۽ گهڻ رخي حصيداري تي ٻڌل آهن. ترڪيءَ ۾ تيار ڪيل ??ي اين ايس بابر جي پهرين ملجم ڪلاس ڪورويٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر عالمي امن ۽ استحڪام جي حوالي سان ترڪيءَ جي ڪردار کي ساراهيو. تقريب ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردوان، خاتون اول ثمينه علوي ۽ ترڪ حڪومت جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پا??ستان جي حڪومت ۽ عوام امن ۽ خوشحالي جي گڏيل ??قصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ترڪي سان گڏ بيٺل رهندا. هن چيو ته پا??ستان ۽ ترڪيءَ کي هڪ جهڙا مسئلا ۽ خطرا درپيش آهن ۽ ٻنهي ملڪن سيڪيورٽي تعاون کي سگهه ڏني آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ ترڪيءَ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ترڪ دفاع واري وزارت جي ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پا??ستان ترڪيءَ جي دفاعي مصنوعات جي هڪ وڏي مارڪيٽ آهي. صدر وڌيڪ چيو ته ملجم سامونڊي جهاز جي تياري ?? حصيداري سان نه رڳو پا?? بحريه جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو پر ان سان گڏيل ??اڳاپن جي وڌيڪ استحڪام ۾ پڻ مدد ملندي. هن ڪوويڊ 19 جي مسئلن جي باوجود هڪ وڏو سنگ ميل حاصل ڪرڻ تي سمورن حصيدارن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته تازن عالمي معاملن ۾ اخلاقيات کي ثانوي حيثيت ڏني وڃي ٿي جڏهن ته مستقبل ۾ اخلاقيات ئي قومن جي رهنمائي ڪندي ۽ ان حوالي سان پا??ستان ۽ ترڪيءَ جو ڪردار اهم هوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته ملجم سامونڊي جهازن جي تياري جي معاهدي موجب پهريون ۽ ٽيون سامونڊي جهاز ترڪيءَ ۾ تيار ڪيو ويندو جڏهن ته ٻيو ۽ چوٿون سامونڊي جهاز پا??ستان ۾ تيار ڪيو ويندو. هن چيو ته پا??ستان ۽ ترڪيءَ جا لاڳاپا رڳو حڪومتن جي وچ ۾ ئي نه آهن پر ٻنهي ملڪن جي عوام جا لاڳاپا به مستحڪم آهن. هن چيو ته ڪوڙين خبرن جي حڪمت عملي نئين ڳالهه نه آهي پر اهو هڪ پراڻو مسئلو آهي. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ معلومات به آزاداڻي نه آهي بلڪه ان جا به پڙدي پٺيان مقصد آهن. هن چيو ته اسلامي قدرن موجب اطلاعات آزاداڻي ۽ سڀني جي مفاد ۾ هجڻ گهرجي. هن افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ گهرائڻ تي ترڪ صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. بعد ۾ سامونڊي جهاز جي لانچنگ کان اڳ خاتون اول ثمينه علوي دعا ڪئي هي حصيداري پا??ستان جي لاءِ خوش آئنده ثابت ٿيندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي جهاز وقار ۽ ڪاميابي سان پا??ستان جو جهنڊو سربلند ڪندو. هن ان جي ڪاميابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پا??ستان ٺوس ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پا??ستان ۽ ترڪيءَ افغانستان ۾ جلد کان جلد استحڪام جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻندا. هن وڌيڪ چيو ته پا??ستان سان ترڪيءَ جو تعاون جاري رهندو. هن چيو ته خطي جي مسئلن جو خاتمو پا??ستان جي مدد سان ممڪن آهي. هن چيو ته معاهدي تحت پا??ستان نيوي جي لاءِ تيار ڪيل جهاز پا??ستان ۽ ترڪيءَ ۾ تيار ڪيا ويندا. هن چيو ته منصوبي جي شروعات 2019ع ۾ ٿي هئي جيڪو 2025ع تائين مڪمل ٿيندو. ترڪ صدر وڌيڪ چيو ته ترڪ دفاع واري وزارت مختلف ملڪن سان تعاون ڪري رهي آهي جڏهن ته پا??ستان انهن ملڪن ۾ خاص مقام رکي ٿو. رجب طيب اردوان چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل حصيداري کي دنيا جي لاءِ مثالي بڻائيندا.