لاهور – 06 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جا شديد خطرا درپيش آهن جنهن جي ڪري پاڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا پيش اچي رهيا آهن، صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ جو معاملو پارليامينٽ ۾ افهام و تفهيم سان حل ٿيڻ گ??رج??، پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئ?? ٿو جنهن کي گلوبل وارمنگ جا شديد خطرا درپيش آهن، حڪومت جو بلين ٽري سونامي منصوبو مرحليوار جاري آهي جنهن سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي واقع ٿيندي، م??ال?? ڌر کي فوڊ سيڪيورٽي، ڪورونا وبا ۽ پاڻي جي ورڇ جي معاملي تي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گ??رج??. خواهش آهي ته اسيمبلي جو ت??دس بحال رکون، حڪومت ۽ م??ال?? ڌر کي هڪ ٻئي جي موقف جو احترام ڪرڻ گ??رج??، م??ال?? ڌر کي اپيل ڪريان ٿو ته هو ملڪي مسئ??ن تي بحث لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪري، اسيمبلي فلور تي آزاداڻا فيصلا ڪندو آهيان، شهباز شريف جا ڪيترائي ڀيرا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا. هن اهڙن خيالن جو اظهار مزار اقبال تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.