اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي مجموعي طور 32 سيڪڙو، مسلم ليگ (ن) 56 سيڪڙو جڏهن ته موجوده حڪومت ٽن سالن ۾ 21 سيڪڙو قرض ورتو، حڪومت ساليانو 3 هزار ارب روپيا قرض ادا ڪرڻ لاء?? ڏئي رهي آهي. موجوده حڪومت پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ورتل قرضن کي واپس ڪري رهي آهي، جيڪڏهن بجيٽ مان قرضن تي وياج جي ادائيگي ڪڍون ته حڪومت جو پرائمري بيلنس سرپلس ?? آهي، يعني بجيٽ موجب حڪومتي آمدني خرچن کان وڌيڪ آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته 2008ع ۾ ٻاهريان قرض 46 بلين ڊالر هئا جيڪي 2013ع تائين وڌي ڪري 60.09 ملين ڊالر هئا، پيپلزپارٽي جي دور ۾ ٻاهرين قرضن ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو، 2013ع کان 2018ع تائين ملڪ جا ٻاهريان قرض 95.24 بلين ڊالر هئا، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٻاهرين قرضن ۾ 56 سيڪڙو اضافو ٿيو، م??جوده حڪومت مارچ 2021ع تائين مجموعي قرضن جو 21 سيڪڙو قرض ورتو، م??جوده حڪومت پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ورتل قرضن کي واپس ڪري رهي آهي. هن چيو ته سڀئي ڪاميابيون وزيراعظم عمران خان جي دانشمنداڻي پاليسين ?? فيصلن ??ي ڪري حاصل ٿيون آهن.