اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر جي صدارت ۾ ايندڙ عام چونڊن 2018ع جي حوالي سان اطلاع??ت جي فراهمي جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جن??ن ۾ گهرو سيڪريٽري يوسف نعيم کوکر، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا، اليڪشن ڪميشن جي نمائندن ۽ وفاقي حڪومت جي اعليٰ عملدا??ن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومتن جي اطلاعات وا??ن سيڪريٽرين، گهرو سيڪريٽرين ۽ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز پڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته بلوچستان جي چيف سيڪريٽري سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ويو.