اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ايف بي آر جي تجويز تي ايف بي آر ريفنڊ سيٽليمينٽ ڪمپني لميٽيڊ تح?? جاري ڪيل 30 ارب رپين جي بانڊز جي عيوض ايتري ئي رقم جي ٽيڪنيڪل ضمني گرانٽ جي ادائيگي ۽ چيڪن جي صورت ۾ سيل?? ٽيڪس ريفنڊ ادا ڪرڻ سميت ملڪ ۾ تيل جي ڳولا ۽ پيداوار وڌائڻ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ، ڪاروباري سه??لت?? کي بهتر بڻائڻ، ٻين ضمني معاملن بابت 18 ملڪي قانونن ۽ ان سان واڳيل اٽڪل 25 قانوني مرحلن کي آسان ۽ سادو بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.