اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان تحر??ڪ انصاف جي حڪومت جي هفتيوار ڪارڪردگي رپورٽ پاڪستان تحر??ڪ انصاف جي اطلاعات واري مرڪزي سيڪريٽري پاران جاري ڪئي وئي آهي، مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ پاران جاري تفص??لن موجب اطلاعات واري مرڪزي سيڪريٽري جو چ??ڻ هو ته وزيراعظم عمران خان جو جنرل اسيمبلي کي خطاب گڏيل قومن جي يوٽيوب چينل تي عالمي اڳواڻن جو سڀ کان و??يڪ ڏٺو ويندڙ خطاب بڻجي ويو آهي، ان کانسواءِ صحت واري عالمي اداري جي سربراهه جي پاڪستان پاران معيشت مستحڪم رکندي ڪورونا جي روڪٿام جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي آهي.