اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) موجوده حڪومت تعميراتي ??عب?? ۾ تاريخي پئڪيج ڏنو آهي جنهن سان نه رڳو گهٽ آمدن?? وارن ماڻهن کي پنهنجو گهر ٺاهڻ جو خواب پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي پ?? ملڪ ۾ تعميرات ۽ ان سان واڳيل صنعتن جي فروغ سان معيشت جو ڦيٿو هلندو ۽ لکين ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس پاران سوشل ميڊيا تي جاري پيغام موجب وزيراعظم عمران خان پاران اعلان ڪيل تاريخي تعميراتي پئڪيج جو مقصد گهٽ آمدن?? وارن ماڻهن جي لاءِ ڇت حاصل ڪرڻ آسان بڻائڻ آهي. ان مقصد جي لاءِ 5 مرلي جي گهر تي رڳو 5 سيڪڙو مارڪ اپ، 10 مرلي جي گهر تي رڳو 7 سيڪڙو مارڪ اپ ورتو ويندو. جڏهن ته بئنڪن پاران 130 ارب رپيا تعميراتي ??عب?? جي لاءِ رکيا ويا آهن. تعميراتي پئڪيج سان نه رڳو عام ماڻهو کي گهر ٺاهڻ ۾ سهولت ملندي پ?? ملڪ ۾ ڪيترين ئي صنعتن جو ڦيٿو پڻ هلندو جنهن سان روزگار جا ڪيترائي موقعا پيدا ٿيندا. ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزد??ر طبقي جو وڏو انگ اهڙو آهي جنهن جو دارومدار تعميراتي ??عب?? سان واڳيل آهي.