اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪوورنا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، هڪ لک 29 هزار 830 ماڻهو ڪورونا کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن، گلگت بلتستان ۾ ڪو مريض وينٽي ليٽر تي نه آهي. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪ??اڪ?? دوران 25 هزار 527 ٽي??ٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪ??اڪ?? دوران 3191 وڌيڪ مثبت ڪيسز رپورٽ ٿيا جڏهن ته 91 ڪورونا متاثرين فوت ٿي ويا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 2 لک 28 هزار 474 تصديق ڪيسز سامهون آيا آهن جن ۾ آزاد ڪشمير جا 1288، بلوچستان جا 10 هز??ر 766، گلگت بلتستان جا 1545، اسلام آباد جا 13 هزار 409، خيبرپختونخواهه جا 27 هزار 843، پنجاب جا 81 هزار 317 ۽ سنڌ جا 92 هزار 306 مريض شامل ??هن. هيستائين مجموعي طور تي 4 هزار 712 فوتگيون ٿي چڪيون ??هن. هيستائين 13 لک 98 هزار 152 ٽي??ٽ ڪيا ويا ??هن. 729 اسپتالن ۾ 5130 مريض علاج هيٺ ??هن.