اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (??ين سي سي) جو اهم اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي د??خو??ست تي ڪورونا وائرس جي عدم پکيڙ ۽ عوام جي ج??ن ۽ مال، روزگار جي تحفظ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ مستقبل جا فيصلا هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيا ويا آهن، وزيراعظم عمران خان سنڌ جي وڏي وزير کي هدايتون ڏنيون ته هو اڄ اڱاري ڏينهن ??ين سي سي جي اجلاس ۾ هڪ جامع روڊ ميپ کڻي اچي جنهن ۾ پوئتي پيل علائقن، ڪچين آبادين ۽ پورهيتن جي حقن جي تحفظ جي جهلڪ نظر اچي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (??ين سي سي) جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ ??ين سي سي اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته مستقبل جي فيصلن کي هڪ ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪيو وڃي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان د??خو??ست ڪئي وئي ته اڏاوتن واري شعبي ۽ ضروري شين کي کولڻ جي قد??ن جي اعلان کان اڳ ڪجهه وقت ڏنو وڃي ته جئين هم آهنگي سان فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻايون.