اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگا?? ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ ڪشمير کي پاڪستان جو دفاعي حصار قرارڏيندي چيو آهي ته عالمي برادري جي ضمير کي جنجهوڙڻ جي لاءِ هر سال وانگر پاڪستان جي 22 ??رو?? عوام اڄ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي، وفاقي گادي واري شهر ۾ عورتون ۽ ٻار والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيندڙ عورتن ۽ ٻارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي گڏيل قومن جي آفيس ۾ قرارداد جمع ڪرائيندا. هو پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي. خاص مددگا?? ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو ته ڪشميرين جي طاقتور آواز ۽ حقن جي جدوجهد کي سڄي دنيا تائين پهچائڻ جي لاءِ اڄ اربع ڏينهن مختلف پروگرام جوڙيا ويا آهن.