اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پنجاب اسيمبلي جي ??سپ??ڪر چوڌري پرويز الاهي ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان پاران لاهور جي دوري دوران چوڌري شجاعت حسين جي صحت معلوم ڪرڻ تي ٿورا ??ڃيا. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پيڪ?? قانون سميت ٻين اهم معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. چوڌري پرويز الاهي اطلاعات واري وفاقي وزير کي پيڪ?? قانون تي ميڊيا پارٽيز جي خدشن کان آگاهه ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته پنجاب جو ??سپ??ڪر پيڪ?? قانون تي ميڊيا ۽ حڪومت جي وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان موثر ريگيوليشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت تنقيد جي آجيان ڪري ٿي پر تنقيد جي آڙ ۾ ڪنهن جي ذات تي حملو ڪرڻ قطعي طور تي صحيح نه آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پنجاب اسيمبلي جي ??سپ??ڪر جا ميڊيا ڌرين سان جيڪي به مع??مل?? طئي ٿيندا حڪومت انهن تي عملدرآمد ڪندي.