اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 105 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 312 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان مل??ان ۾ 81 سيڪڙو، لاهور ۾ 79 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 68 سيڪڙو م??يض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 84 سيڪڙو، راولپنڊي ۾ 64 سيڪڙو، گجرات ۾ 80 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو م??يض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 54 هزار 948 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 392، ??نجاب ۾ 25 هزار 871، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 90، اسلام آباد ۾ 8 هزار 711، بلوچس??ان ۾ هڪ هزار 257، گلگت بلتس??ان ۾ 467، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 160 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 25 هزار 789 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچس??ان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به م??يض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ ??خص??ص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 509 م??يض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 69 هزار 811 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 10 هزار 829 آهي.