اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته ماحوليات جي تحفظ، انساني صحت ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو مثبت ۽ ذميواراڻو استعما?? ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪالي?? آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان جي تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽرن ۽ فزيشنز تي زور ڏنو ته اهي ميڊيڪل سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ج?? شعبي ۾ ٿيندڙ تيز ترين تبديلين مان فائدو کڻن، تازي دور ۾ ميڊيڪل سائنس وڏي تبديلين مان گذري رهي آه?? ۽ وقت سان گڏ ٽيڪنالاجي جي ترقي سان ميڊيڪل سائنس ۾ تحقيق ڪرڻ گهٽ خرچ ۽ آسان ٿي ويو آه??. هن چيو ته ڊاڪٽرز ۽ فزيشنز کي بيمارين جي صحيح تشخيص جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعما?? ڪرڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي پڻ روشني وڌي ته انساني خلين ۽ جينز جي تجزيي سان بيماريون لڳڻ کان اڳ ئي سڃاڻپ ممڪن ٿي آه??، تنهن ڪري شاگردن کي معلومات ياد رکڻ بدران ان جو تجزيو ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر ڪ??لي?? آف فزيشنز اينڊ سرجنز جي تعليم ج?? شعبي جي قائم ڪيل معيار کي مثالي قرار ڏنو ۽ چيو ته هن پاڪستان ۾ ڊينٽسٽري ج?? شعبي جي ترقي جي لاءِ پڻ نمايان قدم کنيا آه??.