اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي)گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوه?? اعجاز چيو آهي ته عام چونڊن 2024ع لاءِ چونڊن واري ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي امن امان جي صورتحال مستحڪم رهي. سيڪيورٽي فو??سز قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس اهلڪارن جي پختي لگن ۽ پيشيوراڻي مهارت جو اعتراف ڪريان ٿو. چونڊن جي پڄاڻي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته فو??سز ک?? پرامن چونڊون ڪرائڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ مقرر ڪيو ويو جيڪو جمهوريت ۽ پاڪستان جي عوام سان انهن جي وابستگي جو چٽو ثبوت آهي، انهن سمورن سيڪيورٽي اهلڪارن لاءِ خاص مبارڪون جن ووٽنگ جي عمل ک?? پرامن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي اهلڪارن جي مقرري بلوچستان، خيبرپختونخوا، سنڌ ۽ پنجاب جي ڏورانهن علائقن ۾ به ڪئي وئي هئي جيڪي هر شهري ج?? پرامن ماحول ۾ پنهنجي ووٽ جي حق کي استعمال ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسان جي عزم جو ثبوت آهي. ڪجهه واقعن کانسواءِ مجموعي صورتحال ڪنٽرول ۾ رهي جيڪا اسان جي حفاظتي قدمن جي افاديت کي ظاهر ڪري ٿي. ڊاڪٽر گوه?? اعجاز چيو ته چونڊ عمل جي بهترين طريقي سان پڄاڻي اسان جي هٿياربند فو??، سول آرمڊ فو??س ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عوام ک?? پرامن فراهم ڪرڻ جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ هو بنا خوف ۽ خطري جي پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪري سگهيا.