اسلام آباد-18 جنوري (اي پي پي)پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) سمورن ٽي وي ۽ ريڊيو چئنلن کي هدايت ڪئي آهي ته هو عام چونڊن 2024ع بابت معاملن کي ??وريج دوران اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ما?? جاري ٿيل ضابطه اخلاق ۽ پيمرا قانونن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائين. ضابطه اخلاق تي عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل قانونن تحت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. پيمرا طرفان سمورن لائسنس يافته سيٽلائيٽ ٽي وي چئنلز، ايف ايم ريڊيو اسٽيشنز کي جاري خط مو??ب سمورا ٽي وي چئنلز ۽ ريڊيو اسٽيشنز قومي خبرن لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفا?? جاري ضابطه اخلاق جا پابند آهن. ضابطه اخلاق مو??ب چونڊ مهم دوران پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ ڊجيٽل ميڊيا تي نشر ٿيندڙ مو??د، نظريه پاڪستان، خودمختياري، وقار يا سلامتي، امن امان يا پاڪستان جي عدليه جي سالميت ۽ آزادي ۽ ٻ??ن قومي ادارن خلاف ڪنهن به راءِ جي عڪاسي نه ڪندو. اهڙا الزام ۽ بيان جيڪي قومي يڪجهتي کي نقصان پهچائي سگهن ٿا يا چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ کان وٺي اميدوار جي نوٽيفڪيشن تائين امن امان جي صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿا، انهن کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ڪنهن به ميڊيا پرسن، اخبار ۽ چئنل کي آپريٽ ڪندڙ سرڪاري اڪائونٽ ڊجيٽل ميڊيا ۽ ٻ??ن سوشل ميڊيا تي اثر انداز ٿيندڙ اڪائونٽ تان شايع يا نشر ڪرڻ جي سختي سان پاسو ڪيو ويندو. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي مو??ود مو??د ڪنهن به ميڊيا پرسن، اخبار، ڊجيٽل ميڊيا تي آفيشل اڪائونٽس هلائيندڙ چينل ۽ سوشل ميڊيا تي اثر انداز ٿيندڙ ڪنهن به رخ کي شامل ڪيو ويندو جهڙوڪ جنس، مذهب، فرقو، ذات، برداري وغيره جي بنياد تي اميدوارن يا سياسي پارٽين جي ذاتي حملي طور تي سمجهي سگهجي ٿو، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪڏهن ڪو اميدوار ڪنهن ٻي اميدوار تي الزام لڳائي ٿو ته ميڊيا کي ??هرجي ته هو ٻنهي ڌرين کي هڪجهڙو موقعو فراهم ڪندي ٻنهي ڌرين سان راءِ ۽ تصديق طلب ڪري.