اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پاڪستان ٽيليويزن ڪوئيٽا سينٽر جي چيف ڪئميره مين احمد خان سولنگي ۽ ڪئميره مين ظفر علي جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي?? تي پي ٽي وي انتظاميا ۽ پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته فوت ٿيندڙ ملازم پي ٽي وي جو قيمتي اثاث?? هئا، الله ت??ال??ٰ مرحومن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.