اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته طبي تعليم کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪيو وڃي، افرادي قوت عالمي مارڪيٽ ۾ صحت جي شعبي جي ماهرن جي گهرج پوري ڪرڻ جي ل??ءِ صحت جي شعبي ۾ سڌارا آندا وڃن. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيال?? جو اظهار هن ملڪ ۾ طبي تعليم ۽ مريضن جي سارسنڀال ۾ سڌارن جي ل??ءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران ??زي??اعظم کي ملڪ ۾ صحت جي شعبي کي عالمي معيار تي آڻڻ جي ل??ءِ ٺاهيل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران ??زي??اعظم اجلاس ۾ صحت جي شعبي جي موجوده صورتحال ۽ ان ۾ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته افرادي قوت جي عالمي مارڪيٽ ۾ صحت جي شعبي جي ماهرن جي گهرج پوري ڪرڻ جي ل??ءِ ملڪ ۾ صحت جي شعبي ۾ سڌارا آندا وڃن. هن چيو ته نرسنگ هڪ انتهائي اهم شعبو آهي ۽ ان جي ترقي جي ل??ءِ وڌيڪ ڌيان جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ صحت واري وزارت، ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ملڪ جي ميڊيڪل يونيورسٽيز جي حصيداري سان صحت جي شعبي ۾ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صحت جي شعبي ۾ سڌارن جي ل??ءِ ٽن مرحلن تي ٻڌل حڪمت عملي ٺاهي وئي آهي جنه?? جو مقصد پاڪستاني صحت جي شعبي ۾ عالمي معيار موجب قاعدا ۽ ضابطا لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. اجلاس ۾ صحت جي شعبي ۾ گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ سطحن تي سڌاراجاتي حڪمت عملي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران ??زي??اعظم خاص معاون ڊاڪٽر عامر بلال جي قيادت ۾ صحت جي شعبي ۾ سڌارن جي ل??ءِ ٽاسڪ فورس جي قدمن کي ساراهيو.