اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان عورت ڪرڪيٽ ٽيم کي نيوزيلينڊ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽيندڙ ا??شيائي وومين ڪرڪيٽ ٽيم بڻجي وئي، پاڪستاني عورت رانديگر ڪنهن به طرح سان مردن کان پٺتي نه آهن. نگران وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان جون عورت رانديگر ائين ئي محنت ڪنديون رهيون ته پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ به پنهنجي نالي ڪري وينديون. نگران وزيراعظم پاڪستان وومين ڪرڪيٽرز ۽ انهن جي گهرڀاتين کي ان ??ام??ابي تي پوري قوم پاران مبارڪباد ڏني.