اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سي??يٽ کي ٻڌايو آهي ته فارن مشنز جي اس??اف کي هاڻي وقت تي پگهار?? جي ادائيگي ڪئي پئي وڃي. سي??يٽ جي اجلاس ۾ سوالن جواب?? جي وقي دوران سينيٽر سيف الله ابڙو جي سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته جمع ڪرايل آڊٽ پيرا ۾ 285 ملين رپين ۾ 93 ملين پرڏيهي وزارت بابت هئا ج?? جي ريڪوري ڪئي وئي آهي، آڊٽ اعتراضن جو مطلب ڪرپشن يا غبن ناهي هوندو، ان ۾ ملازمن ۽ آفيسر?? جي علاج جي حوالي سان ڪجهه ڪاغذ به جمع ناهن ڪرايا ويندا. هن چيو ته آفيسرن کان ٿيندڙ ريڪوري معمولي نوعيت جي هوندي آهي، ان ۾ اڪثر ڪيسز آفيسرن ۽ اس??اف بابت هوندا آهن جن ۾ ٽيليفون بل ۽ ٽي اي ڊي اي شامل هوندا آهن. نگران پرڏيهي وزير فارن مشنز جي اس??اف جون پگهارون دير سان ملڻ جي سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪجهه مهينا اڳ پرڏيهي ناڻي ۾ گهٽتائي جي ڪري پگهار?? جي ادائيگي ۾ دير ٿي هئي پر هاڻي پگهار وقت تي ادا ڪيو پيو وڃي.