اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??ران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۾ سعودي عرب ج?? سفير نوا?? سعيدالمالڪي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي ??عاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ ميڊيا ۽ ڪميونيڪشنز جي شعبي ۾ طئي ٿيل معاهدن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ميڊيا ۽ ڊرامي سميت ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جو بين المذاهب هم آهنگي جي ??اءِ خصوصي نمائندو علامه طاهر محمود اشرفي پڻ موجود هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ ابلاغيات جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??ران وفاقي وزير سعودي سفير جي ??اءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي 12 نومبر تي اجلاس جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??ران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سعودي عرب پاران اسلامي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس گهرائڻ جي آجيان ڪندي چيو ته باني ميمبر طور پاڪستان ??و آءِ سي قائم ٿيڻ جي ??قصدن ۽ ان جي ??ڌيڪ مضبوطي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو، مسلمان امت جي ??فادن جي تحفظ ۾ ??و آءِ سي جي ڪردار جي سگهه ۽ ان ڏس ۾ سعودي عرب ج?? ڪردار کي ساراهيون ٿا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??ران وفاقي وزير جو سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ??اءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سعودي سفير اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??ران وفاقي وزير کي سعودي عرب ج?? دوري جي دعوت پڻ ڏني. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??ران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سعودي سفير نوا?? سعيد المالڪي جا دوري جي دعوت تي ٿورا مڃيا.