اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊن ۾ پي ٽي وي جو اهم ڪردار آهي، پي ٽي وي تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج جي فراهمي ترجيح هجڻ گهرجي، صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻين چونڊ?? جي لاءِ پي ٽي وي جو ڪرد??ر ناقابل فراموش هوندو. اها ڳالهه هن پي ٽي وي نيوز ڪرنٽ افيئرز ۽ سوشل ميڊيا ٽيم سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ اطلاعات وا??و وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد ۽ پي ٽي وي جو ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز عون ساهي پڻ موجود هئا. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير کي پي ٽي وي نيوز ۽ ڪرنٽ افيئرز پروگرامن بابت ب??يف??گ پڻ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيليويزن ملڪ ۾ ميڊيا جو سڀ کان وڏو ادارو آهي ۽ چونڊن ۾ پي ٽي وي جو قومي ڪردار اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پي ٽي وي تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج جي فراهمي ترجيح هجڻ گهرجي، صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻين چونڊ?? جي لاءِ پي ٽي وي جو ڪرد??ر ناقابل فراموش هوندو. هن چيو ته مختلف سياسي پارٽي?? جي اڳواڻ?? جي حالات حاضره جي پروگرامن ۾ شرڪت سان پي ٽي وي جي ساک ۾ اضافو ٿيندو. ان موقعي تي پي ٽي وي ٽيم اطلاعات واري نگران وفاقي وزير کي ٻڌايو ته گذريل ڪجهه سالن دوران خبر?? جي ڪوريج ۽ اسڪوپ ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي، پي ٽي وي پاران خبر?? جي انگ ۾ اضافي سان ناظرين کي تازه ترين حالتن کان آگاهي ۾ مدد ملي آهي، خبرن ۾ آن ڪئميره رپورٽنگ ۽ سماجي مسئلن بابت رپورٽس کي خصوصي اهميت ڏني پئي وڃي، خبر?? جي شعبي ۾ نه رڳو مقداري لحاظ سان تبديلي آئي آهي پر نيشنل نيوز بيورو اسلام آباد ۽ ٻين س??نٽ??ز تان پيشڪش جو انداز پڻ بدلايو آهي.